ڌڻي بخش ميمڻ

ڌڻي بخش ميمڻ

ڌڻي بخش ميمڻ

ڌڻي بخش ميمڻ: سنڌ جي ناليواري والي بال رانديگر استاد ڌڻي بخش ولد محمد اسماعيل ميمڻ 12 فيبروري 1927ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي وال بال راند جو بيحد شوق هو. 1939ع کان والي بال کيڏڻ شروع ڪيائين. پهريون ڀيرو 1951ع ڌاري مجاهد ٽورنامينٽ دادوءَ ۾ شريڪ ٿيو. منجھس هڪ بهترين اڳواڻ جون سموريون خوبيون موجود هيون. ان ڪري شروع کان ئي پنهنجي نگهبانيءَ ۾ ڪلبون هلائيندو رهيو. هن دوستن، استاد محمد وريل ۽ استاد محمد يعقوب وڌوءَ سان گڏجي استاد قربان جي نالي تي دادوءَ ۾ ’قربان ڪلب‘ جو بنياد رکيو. ڌڻي بخش 1948ع کان 1960ع تائين ان ڪلب جو ڪپتان ۽ منتظم اعليٰ رهيو. 1949ع ۾ استاد قربان سان گڏجي راند کيڏيائين، جنهن ۾ بهتر فن جا جوهر ڏيکاريائين. ذهانت ۽ هوشياريءَ سان راند دوران مخالف ڌر جي رانديگرن کي فائول ڪندو هو. 1959ع ۾ کيس پيٽ جي تڪليف ٿي ۽ 1960ع ۾ آپريشن بعد راند نه کيڏيو ۽ راند ڏسڻ تائين رهجي ويو. کيس والي بال راند سان عشق جنون جي حد تائين هو. دادوءَ ۾ ’شاهين ڪلب‘ جي نالي سان والي بال ڪلب جو بنياد وڌائين، جيڪا ڪلب اڳتي هلي پوري ملڪ ۾ ڪارڪردگيءَ سبب مشهور ٿي. استاد ڌڻي بخش ميمڻ بيباڪ ۽ اصول پرست رانديگر هو. پاڻ استادي پيشي سان وابسته هو. هيڊ ماستر طور رٽائر ٿيو. هن 1992ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه دادو شهر جي آبائي قبرستان ۾ آهي.


لفظ ڌڻي بخش ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.02.12  عيسوي

سنڌ جي ناليواري والي بال رانديگر استاد ڌڻي بخش ولد محمد اسماعيل ميمڻ 12 فيبروري 1927ع تي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ساڌنا ڀڳت
پوراني ميرڪ سيد عبدالاول الحسيني
اوڌو داس تاراچند راءِ بهادر
سنتو ڀڳت
حاجي عبدالستار
خان خانان مرزا عبدالرحيم
خادم حسين انڙ
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
احمد خان چانڊيو
سيد حفيظ الدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون